رشدالله شاهه امروٽي

رشدالله شاهه امروٽي

رشدالله شاهه امروٽي

رشدالله شاهه امروٽي: سيد رشد الله شاهه ولد سيد منير احمد شاهه امروٽي، 13 جنوري 1976ع تي امروٽ شريف ۾ جنم ورتو. هن جو تعلق نامور مذهبي عالم تاج محمود امروٽيءَ جي خاندان سان آهي. هن مئٽرڪ تائين تعليم امروٽ شريف ۾ حاصل ڪئي ۽ انٽر جو امتحان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڳڙهي ياسين مان پاس ڪيو. 1997ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان گرئجوئيشن ڪيائين. ديني تعليم ۾ هن ناظره قرآن مجيد جي تعليم درگاهه عاليه قادريه راشديه امروٽ شريف ۾ حافظ الله بخش وٽ ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي چاچي مولانا سيد سراج احمد شاهه امروٽيءَ وٽ حاصل ڪئي، بعد ۾ درس نظاميءَ جي تعليم جامعه دينيه دارالهديٰ حبيب آباد ٺيڙهيءَ مان حاصل ڪيائين. هن تخصص في الفقه الاسلاميءَ جي تعليم جامعه حماديه مظهر العلوم منزل گاهه سکر ۾ مولانا محمد مراد هاليجويءَ وٽ حاصل ڪئي. ٺيڙهيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران مولانا سيد طاهر محمود شاهه امروٽي، مولانا سراج الدين قاضي، مولانا شهاب الدين پهوڙ ۽ مولانا عبدالمطلب شر سندس هم سبق هئا، جڏهن ته مظهر العلوم منزل گاهه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران مولانا مفتي عبدالله مهر سندس هم سبقن ۾ شامل هو.
سيد رشد الله شاهه امروٽيءَ 1990ع کان باقاعدي لکڻ شروع ڪيـو. عـلـم جـي تـحـصيـل کانپوءِ هـن جـامـعـه حـمــاديه مـظـهـرالعـلوم منزل گاهه سکر ۾ ڇهه سال پڙهايو ۽ دارلافتاء يعني شعبه فتويٰ جو نگران رهيو. سيد رشدالله شاهه امروٽيءَ سيد ’راشد امروٽيءَ‘ جي نالي سان شاعري پڻ ڪئي آهي. سندس ڪلام گهڻي ڀاڱي حمد، نعت ۽ اسلامي ۽ اصلاحي موضوعن تي مشتمل آهي. سندس ڪلام کي مشهور نعت خوان جهڙوڪ: امداد الله ڦلپوٽو، سلطان احمد چنه، نعمت الله سولنگي، انعام الله مگسي ۽ راشد منگي ڳايو آهي. سيد رشد الله شاهه ڪجهه مضمون پڻ لکيا آهن. ديني اصلاحي مئگزين ’ماهوار النصيحت سکر‘ ۾ سال 2005ع کان معاون ايڊيٽر آهي. هن ڪجهه ڪتاب پڻ لکيا آهن، جيڪي شايع ٿي چڪا آهن، جـن ۾: (1) فـتـاويٰ مـحـمـد مـراد هــاليـجــوي (سنڌي: ترتيب 2002ع)، (2) مقالات محمد مراد هاليجوي (اردو: ترتيب 2002ع)، (3) نصيحت نامو (سنڌي: ترتيب 2003ع)، (4) تذڪير باالقرآن الڪريم (سنڌي: ترتيب 2005ع). اهي چارئي ڪتاب ’جامعه حماديه مظهر العلوم‘ منزل گاهه سکر طرفان ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته سندس لکيل ٻه ڪتاب: (1) حديث سيد الناصحين ۽ (2) سوانح حيات مولانا محمد مراد هاليجوي زير اشاعت آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.01.13  عيسوي

سيد رشد الله شاهه ولد سيد منير احمد شاهه امروٽي، 13 جنوري 1976ع تي امروٽ شريف ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد جمالو خان
شيخ حبيب الله ماستر
سروجني نئڊو
جلال محمد هالائي مخدوم
ابل فقير مهڪاڻي
نواب احمد خان لغاري
آريسر عبدالغفور
حاجي خان خشڪ
ٽپٽائي مولوي عبدالله
سيد قائم علي شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون